ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ سڄي ملڪ جي ڪورٽ رپورٽرز کي عدالتي رپورٽنگ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ تي پيمرا جي پابندي خلاف ڪورٽ رپورٽرز ۽ پي ايف يو جي جي سيڪريٽري جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت پي ايف يو جي جي درخواست تي ڪورٽ رپورٽرز کي عدالتي رپورٽنگ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ جي گائيڊ لائنز ۽ لاڳاپيل قانون جو ڪوريج ڪندي خيال رکيو وڃي، سپريم ڪورٽ پاران عدالتي ڪارروائي جي رپورٽنگ جي حوالي سان جاري گائيڊ لائنز تي عمل ڪيو وڃي.
عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي عمل نه ڪرڻ تي پيمرا ڪارروائي ڪري سگهي ٿي.
You might also like