هانيا عامر سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ اداڪارا بڻجي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل هانيا عامر سوشل ميڊيا تي سمورن پاڪستاني اداڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
هانيا عامر جي اسنٽاگرام تي فالورز جو انگ 14.1 ملين ٿي ويو آهي، جنهن سان هو سوشل ميڊيا تي پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ اداڪارا بڻجي وئي آهي.
ان کان پهريان پاڪستان ۾ انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالورز اداڪارا عائزا خان هئي.
عائزا هاڻي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ اداڪارائن ۾ ٻئين نمبر تي آهي، جنهن جي سوشل ميڊيا جي فالورز جو انگ 14 ملين آهي.
اها ڳالهه ذڪر ڪرڻ جهڙي آهي ته هڪ کان ڏيڍ سال پهريان ان فهرست ۾ اداڪارا ايمن خان سڀ کان مٿي هئي ۽ ان جا انسٽاگرام تي سڀ کان وڌيڪ فالورز هئا.
ايمن خان جي فالوورز جو انگ 12.1 ملين جو، جڏهن ته سندس ڀيڻ منال خان جي فالوورز جو انگ 10.2 ملين آهي.

HaniaAmir SocialMedia Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.