نائجيريا ۾ سون جي کاڻ ڪِرڻ سبب هڪ مزدور فوت، ڪيترائي دٻجي ويا

ابوجا (ويب ڊيسڪ) نائجيريا ۾ سون جي کاڻ ڪِرڻ سان ڪيترائي مزدور دٻجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب سون جي کاڻ ڪِرڻ جو واقعو نائجر رياست ۾ پيش آيو، جتي تيز برساتن سبب سون جي کاڻ جو هڪ حصو مزدورن تي ڪِريو.
حادثي ۾ هڪ مزدور فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، اختيارين خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ملبي ۾ 30 مزدور دٻيل آهن، جن کي بچائڻ جون ڪوششون جاري آهن.

nigeria abuja westafrica

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.