پاڪستان جي سينئر اداڪارا نشو بيگم چيو آهي ته منهنجي نصيب ۾ شادي ناهي لکيل، جيڪڏهن جو شادي نڀائيندو آهي ته اهو الله ڏي هليو ويندو آهي، ڪو اهڙو آهي جيڪو مونکي شادي ڪرڻ نٿو ڏي.
اداڪارا تازو ئي هڪ انٽرويو شو ۾ شريڪ ٿي، جنهن دوران ميزبان اداڪارا سنگيتا، بشريٰ انصاري سميت ٻين وڌيڪ عمر ۾ شادي ڪرڻ وارن اداڪارائن جا نالا وٺندي سوال ڪيو ته مونکي اطلاع ملي آهي ته اوهان کي به هڪ وڏي پروپوزل مليو هو، ڇا اوهان تصديق يا ترديد ڪندئو ته اوهان شادي پروپوزل واري ڳالهه صحيح آهي؟
ان تي نشو جو چوڻ هو ته ڪوئي جنات جو ڪم آهي جيڪو منهنجي شادي کي پسند ناهي ڪندو، ڪوبه اهڙو جن آهي جيڪو مونکي شادي ناهي ڪرڻ ڏيندو، ان ڪري سوچيندي آهيان ته مون جيڪڏهن شادي ڪئي ته ڪٿي جن نه ناراض ٿي وڃي.
اداڪارا کلندي چيو ته جيڪي پروپوزل مونکي مليا آهن، انهن لاءِ منهنجو اهو جواب آهي ته جن کي پنهنجي زندگي عزيز آهي ته مونسان شادي نه ڪري.
Pakistan Actress drama