ڊيلس ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر علي خان چيو آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ پهرين ميچ کٽي وياسين، هاڻ پاڪستان خلاف ميچ کٽڻي آهي، ميگا ايونٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ چاهيان ٿو.
هڪ انٽرويوءَ دوران پاڪستان ڄائي آمريڪي ڪرڪيٽر علي خان چيو ته پاڪستان ۾ پيدا ٿيس، ننڍپڻ اتي گذريو، ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف ميچ سندس لاءِ جذباتي گيم هوندي، پاڪستان لاءِ ته نه کيڏي سگهيس پر پاڪستان جي خلاف کيڏي رهيو آهيان.
علي خان چيو ته پاڪستان انتهائي مضبوط ٽيم آهي، بيٽر ۽ بالر سڀ بهترين آهن، پنهنجي ٽيم کي کٽرائڻ جي ڪوشش ڪندس.
هن چيو ته بابر اعظم جي وڪيٽ اسان لاءِ اهم هوندي جيڪڏهن هو کيڏي ويو ته اسان لاءِ ڏکيائيون وڌي وينديون.
علي خان چيو ته بنگلاديش خلاف سيريز ۽ عالمي ڪپ جي پهرين ميچ ۾ ڪاميابي سبب حوصلا بلند آهن، اسان گهڻو پراعتماد آهيون، اڄ به اسان جو ڏينهن هوندو ته پاڪستان کي هارائڻ جي صلاحيت رکون ٿا.
AliKhan USACricketTeam T20WorldCup2024