انساني سمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار صارم برني جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) عدالت انساني سمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار سماجي اڳواڻ صارم برني کي ڪيس مان ڊسچارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي کيس جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.
صارم برني کي گذريل ڏينهن آمريڪا طرفان انساني سمگلنگ جي الزام هيٺ ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو هو.
جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل سندس خلاف ڪيس به داخل ڪيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته صارم برني پنهنجي غلطي پڻ تسليم ڪري ورتي آهي.
اڄ ايف آءِ اي اختيارين طرفان صارم برني کي جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي صارم برني جي وڪيل طرفان سندس اصيل کي ڪيس مان ڊسچارج ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي، جڏه نته ايف آءِ اي اختيارين صارم برني جي رمانڊ جي استدعا ڪئي.
جنهن بعد عدالت صارم برني جي درخواست رد ڪندي کيس ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

 

SarimBurney FIA physicalremand

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.