پي ٽي آءِ جو عيد کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد قيصر عيد کانپوءِ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ گفتگو ڪندي اسد قيصر چيو ته اسان جي تحريڪ پرامن هوندي، مولانا فضل الرحمان سان اسان جي ڳالهه ٻولهه اڳتي رهي آهي، نواز شريف ۽ آصف زرداري سان ڳالهيون نه ٿينديون، ڳالهيون ان صورت ۾ ٿينديون جڏهن اسان جو مينڊيٽ تسليم ڪندا، چوري ڪيل مينڊيٽ اسان کي واپس ڪندا.
هن چيو ته ملڪ تڏهن اڳتي وڌندو جڏهن آئين ۽ قانون موجب هلندو، احتياط سان اڳتي وڌي رهيا آهيون، عيد کانپوءِ وڏو اجلاس ٿيندو ۽ عيد کانپوءِ اتحاد کي باضابطا طور شڪل ڏيڻي آهي، جيڪو به ڪنداسين آئين ۽ قانون موجب ڪنداسين.

pti asadqaiser imrankhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.