سون جي اگهه ۾ معمولي لاٿ بعد وڏي واڌ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سموري ملڪ ۾ في تولو سون 24 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 43 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 2057 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 8 هزار 333 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 30 ڊالر واڌ بعد 2362 ڊالرز في اونس ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن سموري ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ چار سئو رپيا لاٿ ٿي هئي.

Gold GoldRate goldmarketpakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.