نصرالله گڏاڻي جي امڙ جي سڏ تي ايس ايس آفيس گهوٽڪي اڳيان هزارين ماڻهن جو ڌرڻو

گهوٽڪي (رپورٽ: آزاد مهر) ميرپورماٿيلو ۾ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ مائي پٺاڻي جي سڏ کي ڀرپور موٽ ڏيندي هزارين ماڻهن ايس ايس پي آفيس گهوٽڪي اڳيان ڌرڻو هنيو.
ڌرڻي ۾ قلم ڌڻين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شهيد جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.
احتجاجي ڪئمپ تي جسقم، ايس يو پي، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، مهراڻ ليبر فيڊريشن، شهري اتحاد، ايڪشن ڪميٽي سميت مختلف پارٽين جا اڳواڻ پهتا.
احتجاج ڪندڙن فوري طور جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو ته شهيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

nasrullahgadani ghotki awamiawaz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.