وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ استادن جي تنظيم جون چونڊون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري عبدالحق ڪيمپس جي استادن جي تنظيم جي اليڪشن ۾ ڪامياب نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اردو يونيورسٽي هڪ مڪمل تدريسي ادارو آهي ۽ تعليم لاءِ بهترين ادارو آهي، اردو دنيا جي بهترين ٻولي آهي اسان سڀني کي اخلاقيات، امن، پيار ۽ محبت جي ضرورت آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي يونيورسي جي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته نوان چونڊيل عهديدار استادن جي ڀلائي لاءِ ڪوشش ڪندا ۽ يونيورسٽي جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

ان موقعي تي استادن جي تنظيم جي جنرل سيڪريٽري روشن علي وي سي کي يقين ڏياريو ته هو ڀرپور سهڪار ڪندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته وي سي جزا ۽ سزا جو قانون لاڳو ڪندو ته جيئن چڱا ڪم ڪرڻ وارن کي انعام ۽ ترقي ملي.

پروفيسر ڊاڪٽر اقبال آفريدي (تمغه امتياز) نون چونڊيل عهديدارن صدر ڊاڪٽر مسرور خانم، نائب صدر خرم شاهنواز، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر روشن علي، جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر ايم عثمان ۽ ڊاڪٽر ايم شجاع الدين کي حلف کڻايو.

حلف برداري تقريب کي ڊاڪٽر شاهد اقبال، ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي صدر ڊاڪٽر مسرور خانم. ڊاڪٽر روشن علي، ڊاڪٽر اقبال نقوي ۽ ٻين خطاب ڪندي اردو يونيورسٽي کي دنيا جي بهترين يونيورسٽي بڻائڻ جو عزم ڪيو آهي.

تقريب ۾ ڊاڪٽر ڪمال حيدر، ڊاڪٽر عرفان عزيز، ڊاڪٽر افتخار طاهري، ڊاڪٽر شرجيل نويد، ڊاڪٽر ڪشن ناز، ڊاڪٽر سيما ابڙو، ڊاڪٽر عبدالمالڪ ۽ ٻين استادن ۽ نان ٽيچنگ عملي شرڪت ڪئي.

تقريب جي پڄاڻي تي استادن جي تنظيم جي عهديدارن وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري ۽ پروفيسر ڊاڪٽر اقبال آفريدي جا ٿوار مڃيا ۽ مهمانن کي شيلڊون ۽ گلدستا پيش ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.