ڪراچي: ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ کان نه مڙڻ تي سيڪيورٽي گارڊ نوجوان کي ماري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي نارٿ ڪراچي سخي حسن چورنگي ويجهو موبائيل مارڪيٽ ۾سيڪيورٽي جي فائرنگ ۾ ٽڪ ٽاڪر مارجي ويو.
سخي حسن چورنگي ويجهو قائم سرينا موبائيل مارڪيٽ ۾ ٽڪ ٽاڪر وڊيو رڪارڊ ڪري رهيو هو ته سيڪيورٽي ڪارڊ کيس روڪي اتان وڃڻ جو چيو.
سيڪيورٽي گارڊ جي روڪڻ باوجود ٽڪ ٽاڪر وڊيو رڪارڊ ڪرڻ ۾ مصروف رهيو جنهن تي گارڊ ڪاوڙ ۾ فائرنگ ڪئي.
پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ مقتول موقعي تي دم ڏئي ڇڏي، جنهن جي مڙهه کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
واقعي بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪرڻ بعد سيڪيورٽي گارڊ کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي.

Karachi TikTok Sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.