اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ فوري طور ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽريٽ فوري طور ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ثمن رفعت امتياز محفوظ فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ عدالت چيو ته سي ڊي اي 2022 ۽ 2023 ۾ اڳوڻي مالڪ کي نوٽيس جاري ڪيو ۽ ان جي ڪا وضاحت پيش نه ٿي سگهي ته پراڻي مالڪ کي نوٽيس ڇو موڪليا ويا.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نوٽيس يا شوڪاز نوٽيس جي سروس جي ڪا رسيد رڪارڊ تي ناهي، سي ڊي اي جو آفيس سيل ڪرڻ جو آرڊر به پي ٽي آءِ کي نه لکيو ويو ۽ نه ڪاپي موڪلي وئي.
عدالت پي ٽي آءِ سيڪريٽريٽ کي فوري طور ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪٿي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي ته سي ڊي اي ڪارروائي ڪري سگهي ٿي.

ihc islamabad pti

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.