غفلت ۽ دوکيبازي، پاڪستان پوسٽ تي لکين رپيا ڏنڊ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪنزيومر ڪورٽ غفلت ۽ دوکيبازي تي پاڪستان پوسٽ کي مجموعي طور 13 لک رپيا درخواستگذار کي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي جي ڪمزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ايسٽ پاڪستان پوسٽ خلاف ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
درخواستگذار عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته هن 16 فيبروري 2023 ۾ ڪجهه دستاويز ٻاهرئين ملڪ موڪليا هئا پر 21 مارچ تي دستاويز ان ڊليورڊ واپس اچي ويا، پاڪستان پوسٽ جي پورٽل تي شڪايت به داخل ڪرائي هئي پر جواب نه ڏنو ويو.
پاڪستان پوسٽ خلاف فيصلي ۾ عدالت چيو ته پاڪستان پوسٽ غفلت جو مظاهرو ڪيو ۽ درخواستگذار سان دوکو ڪيو، عدالت غفلت ۽ دوکي بازي جي الزام ۾ پاڪستان پوسٽ کي مجموعي طور 13 لک رپيا درخواستگذار کي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

pakistanpost karachi sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.