يارو لنڊ ويجهو ڏير هٿان ڀاڄائي ڪارنهن الزام هيٺ قتل

جروار (رپورٽر) يارو لنڊ ويجهو ڏير مبينا طور ڪارنهن الزام مڙهي ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو.
يارو لنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خيرالدين لنڊ ۾ شادي شده عورت مائي مجيدان زال سردار لنڊ کي ڪارنهن الزام هيٺ بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو.
يارولنڊ پوليس اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
پوليس موجب نبيل لنڊ ڀاڄائي کي پنهنجي مائٽ لال خان لنڊ سان مبينا طور ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪيو آھي، جيڪو واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

YaroLund sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.