باڊهه واسيءَ جي ڪراچي ۾ مارجڻ جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) نئين ڪراچي سيڪٽر 12 ڊي ۾ باڊھه واسي پورهيت کي رينجرز اهلڪار ڦورو ڄاڻائي فائرنگ ڪري زخمي ڪري پوليس حوالي ڪيو، پوليس پورهيت کي فل فرائي ڪري ڇڏيو ، ڦورو ڄاڻائي قتل ڪيل پورهيت جا وارث سامهون اچي ويا، ڦورو ڄاڻائي قتل ڪيل پورهيت عامر علي ڀاڳت باڊھه جي  مشهور اداڪار جولي ڀاڳت جو ڀائٽيو نڪتو، پورهيت عامر جي دڪاندار سان منهن ماري ٿي ان کانپوءِ دڪاندار چور چور جون رڙيون ڪيون ته ڀرسان بيٺل رينجرز اهلڪار فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب عامر زخمي ٿي پيو، بعد ۾ رينجرز زخمي ڪيل پورهيت کي گبول ٽائون پوليس حوالي ڪيو، پوليس پورهيت کي فل فرائي ڪري ڇڏيو، کيس عباسي شهيد اسپتال آندو ويو، جنهن بعد وارثن کيس جناح اسپتال منتقل ڪيو. پهرين وڊيو ۾ عامر جي چهري تي تشدد جو نشان نظر نٿو اچي بعد ۾مقتول جي تصوير ۾ منهن تي ڪيترائي تشدد جا نشان آهن، ان سلسلي ۾ وارثن موجب، پوليس مقتول کي اسپتال منتقل ڪرڻ دوران وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن ۾ هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو، ايف آءِ آر ۾ عامر جو نالو فرحان لکيو ويو، عامر ڪمپني ۾ مزدوري ڪندو هو. وارثن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پوليس لاش ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.