سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي شاگردن پاران 7 ريسرچ پراجيڪٽس جي نمائش

ڪراچي: (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي شاگردن جي مختلف گروپس ايڪسپو سينٽر ۾ منعقد ”ٽئين سنڌ ايڇ اي سي ريسرچ اينڊ ٽيڪنالاجي شوڪيس 2024“ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هنن پنهنجي 7 جديد ٽيڪنالاجيءَ تي مبني پروجيڪٽن جي نمائش ڪئي.

سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري سان گڏ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي شاگردن جي اسٽالن جو دورو ڪيو، جتي هن سندن تحقيقي ڪم کي ساراهيو ۽ سندن حوصلا افزائي ڪئي. وائس چانسلر ايڪسپو ۾ شرڪت لاءِ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ تي ڊائريڪٽر اورڪ ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس اينڊ ميٿميٽيڪل سائنسز ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر منصور احمد کھڙو جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.

ڊاڪٽر مجيب صحرائي سنڌ ايڇ اي سي جي ڪردار خاص طور تي ان جي چيئرمين ڊاڪٽر طارق رفيع جي ڪردار کي به ساراهيو، جنهن سرڪاري شعبي جي يونيورسٽين جي نوجوان محققن کي پنهنجو تحقيقي ڪم پيش ڪرڻ جو هڪ اهم موقعو فراهم ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.