پاڪستان ريلوي جي نجڪاري جون خبرون، ترجمان اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي جي ترجمان ريلوي جي نجڪاري جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
ريلوي ترجمان موجب پاڪستان ريلوي جي نجڪاري نه پئي ٿئي، سي اي او ريلوي کي نجڪاري بابت ڪو خط ناهي لکيو ويو.
هن چيو ته پاڪستان ريلوي جي آمدني هن وقت تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، هن سال 85 ارب رپين کان وڌيڪ روينيو حاصل ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته ريلوي ۾ سيڙپڪاري آڻڻ جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، ڪجهه منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جاري رکيا ويندا.

pmln pakistanrailway lahore

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.