جسٽس بابر خلاف مهم، بچاءَ واري وزارت جي رپورٽ رد، ٻيهر جمع ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس بابر ستار خلاف مهم جي ڪيس ۾ بچاءَ واري وزارت جي رپورٽ رد ڪندي ٻيهر جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس بابر ستار خلاف سوشل ميڊيا مهم ۽ فيملي جي ڊيٽا ليڪ ٿيڻ تي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ريمارڪس ڏنا ته ايف آءِ اي جي رپورٽ آءِ ايس آءِ کان تمام بهتر آهي، ايف آءِ اي چيو 16 اڪائونٽن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته مهم شروع ڪندڙن خلاف جاچ ڪيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس بابر خلاف مهم شروع ڪندڙن خلاف جاچ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو.

justicebabarsattar ihc islamabadhighcourt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.