لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ ۽ سينيئر قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته تحريڪ انصاف باني کي تڪڙي جيل مان نڪرندي نٿو ڏسان، هن پنهنجي لاءِ پاڻ رنڊڪون پيدا ڪيون.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته انسان کي نرم مزاج هجڻ گهرجي، ائين نه هجڻ گهرجي ته هن سان ناهي ڳالهائڻو هن سان ناهي ڳالهائڻو، اها ڳالهه پي ٽي آءِ باني کي نقصان پهچائي رهي آهي.
هن چيو ته هر ڪنهن سان ڳالهيون ڪيو پر هر ڪنهن جي نه مڃو، عمران خان جي پاليسي گهڻي سخت آهي.
aitizazahsan ppp imrankhan