قومي ڪرڪيٽر اعظم خان سوشل ميڊيا ايپ انسٽاگرام تي پنهنجون سموريون تصويرون هٽائي ڇڏيون آهن.
اعظم خان سوشل ميڊيا تي پنهنجون وڊيوز اپلوڊ ڪندو هو، گذريل ڪجهه ڏينهن کان سندس فٽنس سبب شوقينن طرفان کيس شديد تنقيد جونشانو بڻايو پيو وڃي.
اعظم خان کي انگلينڊ خلاف سيريز ۾ خراب ڪارڪردگي تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ان سبب جي ڪري اعظم خان پنهنجون وڊيوز هٽايون آهن يا ڪو ٻيو سبب آهي، پر امڪاني طور تي ڪرڪيٽر طرفان تنقيد بعد ئي سموريون تصويرون هٽايون ويون آهن.
سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي اعظم خان جي هاڻ ڪا به تصوير ۽ وڊيو دستياب ناهي.
واضح رهي ته اعظم خان آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو حصو آهي.
AzamKhan T20WorldCup2024 Pakistan
You might also like