ڀارتي شهر بينگلورو ۾ 133 ورهين کانپوءِ سڀ کان تيز مينهن رڪارڊ

بينگلورو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ڪرناٽڪا جي تخت گاهه بينگلورو ۾ جون ۾ پوندڙ برساتن جو 133 ورهين جو رڪارڊ ٽٽي پيو.
ڀارتي ميڊيا موجب بينگلورو ۾ آچر 2 جون تي ڪڪر ائين وسيا جو هڪ صدي پراڻو رڪارڊ ٽٽي پيو.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته گذريل ڏينهن بينگلورو ۾ 111.1 ملي ميٽر برسات پئي، جنهن سان ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو ۽ ٽريفڪ جو نظام به درهم برهم ٿي ويو.
رپورٽن موجب گذريل ڏينهن برسات جون ۾ برساتن جو 133 ورهين جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، بينگلورو ۾ 16 جون 1891 ۾ 101.6 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي وئي.

india rain bangalore

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.