93 ورهين جي عمر ۾ پنجين شادي ڪندڙ شخص ڪير آهي؟

آسٽريلين بزنس مين ۽ ميڊيا ٽائيڪون روپرٽ مرڊوڪ 93 ورهين جي ڄمار ۾ پنجين شادي ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب روپرٽ 67 ورهين جي اڳوڻي روسي حياتياتي ماهر ايلينا زوڪوو سان ڪيليفورنيا ۾ شادي ڪئي.
رپورٽن موجب ايلينا جي اها ٻي شادي آهي، جڏهن ته روپرٽ جي ان سان ملاقات هڪ پارٽي ۾ ٿي هئي، جنهن جو اهتمام روپرٽ جي اڳوڻي گهرواري ڪيو هو.
بزنس مين روپرٽ جا 6 ٻار آهن، جيڪي پهرين گهرواري پيٽريشيا بوڪر مان آهن.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته روپرٽ مرڊوڪ ان کان اڳ آسٽريلوي فلائٽ اٽينڊنٽ پيٽريشيا بوڪر، اسڪاٽس ڄائي صحافڻ اينا مان، چيني صنعتڪار ونڊي ڊينگ ۽ آمريڪي ماڊل ۽ اداڪارا جيري هال سان شادي ڪري چڪو آهي.
واضح رهي ته آسٽريلوي ٽي وي چئنل فاڪس نيوز، برطانوي اخبار دي ٽائمز آف لنڊن ۽ آمريڪي رسالو دي وال اسٽريٽ جنرل روپرٽ مرڊوڪ جي ميڊيا امپائرز ۾ شامل آهن.

australia rupertmurdoch ElenaZhukova

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.