اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي کي لانگ مارچ ڀڃ ڊاهه جي ٻن ڪيسن ۾ آجو ڪري ڇڏيو.
جوڊيشل مئجسٽريٽ احتشام عالم پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي آزادي جي درخواست منظوري ڪري ورتي.
عدالت اسد عمر، علي محمد خان ۽ مراد سعيد کي به ٻن ڪيسن ۾ آجو ڪري ڇڏيو.
اسد عمر ۽ علي محمد خان عدالت ۾ پيش ٿي حاضري لڳرائي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين خلاف گولڙا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.
imrankhan shahmehmoodqureshi pti