مالي (ويب ڊيسڪ) مالديپ فلسطينين سان ايڪي جي اظهار لاءِ اسرائيلي سياحن تي پابندي لڳائي ڇڏي.
راڄڌاني مالي مان صدارتي آفيس موجب اسرائيلي پاسپورٽ هولڊرز کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو آهي.
مالديپ جي ڪابينا اسرائيلي شهرين بابت قانونن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته فلسطينين لاءِ امدادي مهم جي سلسلي ۾ خاص نمائندو مقرر ڪيو ويندو.
ياد رهي ته گذريل سال 11 هزار اسرائيلي سياح مالديپ آيا هئا.
maldives southasia asia