برج ٽائون (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 جي ٽين ميچ ۾ نميبيا جي ٽيم عمان کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي.
برج ٽائون ۾ کيڏيل ميچ ۾ نميبيا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، پهريان بيٽنگ ڪندي عمان جي ٽيم 109 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي.
عمان طرفان خالد ڪائل 34 رنز ٺاهيون، جڏهن ته ذيشان مقصود 22، ايان خان 15 ۽ شڪيل احمد 11 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا.
نميبيا جي روبن ٽرمپلن 4، ڊيوڊ ويزي 3، گرهارڊ ايراسمس 2 ۽ برنارڊ شولز هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
جواب ۾ نميبيا جي ٽيم به 6 وڪيٽن جي نقصان تي 109 رنز ٺاهي سگهي ۽ اهڙي ريت ميچ جو نتيجو سپر اوور تي ويو.
نميبيا سپر اوور ۾ عمان کي 22 رنز جو هدف ڏنو، عمان جي ٽيم هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 10 رنز ٺاهي سگهي، اهڙي ريت نميبيا جي ٽيم ميچ ۾ 11 رنز تان ڪاميابي ماڻي ورتي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ آمريڪا، ڪينيڊا کي ۽ ٻي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز، پاپوا نيوگني کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
namibia oman ICCMen’sT20WorldCup