خانپور: هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا بعد قتل ڪري ڇڏيو

خانپور (ويب ڊيسڪ) خانپور ويجهو هٿياربندن ڳوٺاڻي کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو.
ناپرڪوٽ ٿاڻي لڳ ديري تي ستل اقبال ناپر ۽ ڳوٺاڻي الهڏنو چاچڙ کي هٿياربندن کنڀي ويا.
هٿياربند الهڏنو چاچڙ کي رستي ۾ ڇڏي اقبال ناپر کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا، هٿياربندن مغوي اقبال ناپر کي اغوا ڪري تشدد بعد قتل ڪري ڇڏيو ۽ سندس لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا.
اطلاع تي ناپرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو، جيڪو گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

khanpur sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.