ٺارو شاهه: زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙو، عورت سميت ٻه ڄڻا قتل

ٺارو شاھه (ويب ڊيسڪ) ٺارو شاهه ويجهو ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪيءَ تان جھيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ احمد ڪلهوڙو ۾ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪيءَ تان جھيڙو ٿي پيو.
ڌرين جي هڪٻئي تي فائرنگ ۾ عورت پروين خاتون ۽ ممتاز ڪلھوڙو مارجي ويا، جڏهن ته مختياران ۽ بشيران ڪلھوڙو سميت ٽي عورتون زخمي ٿي پيون.
ڌرين ۾ سخت فائرنگ سبب علائقو نوگو ايريا بڻيل هجڻ ڪري لاش ڪيتري وقت تائين واقعي واري هنڌ پيل رهيا.

tharushah sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.