حيدرآباد سلينڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ سلينڊر ڌماڪي جا وڌيڪ 2 زخمي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويا.
اسپتال انتظاميا موجب وڌيڪ 2 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ واقعي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 12 ٿي ويو آهي.
فوت ٿيلن ۾ 32 ورهين جو فيضان اسحاق ۽ 45 ورهين جو اڪرم منشي شامل آهن.
فوت ٿيل ٻئي ڄڻا 100 سيڪڙو سڙي ويا هئا، جن جا وارث لاش کڻائي حيدرآباد روانا ٿي ويا.
واقعي جا 11 زخمي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن، جن مان 5 جي حالت نازڪ آهي.

hyderabad sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.