ميرپورماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپور ماٿيلي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت نصرالله گڏاڻي ڪيس ۾ سموريون رپوٽون طلب ڪري ورتيون.
دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ شهيد نصرالله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جاچ آفيسر ذوالفقار مهر پيش ٿيو.
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر کان ڪيس جون سموريون رپوٽون طلب ڪري ورتيون، جنهن بعد ٻڌڻي 6 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
جاچ آفيسر ذوالفقار مهر ٻڌايو ته واقعي واري هنڌان سمورا سيمپل وٺي فرانزڪ لاءِ ليبارٽري اماڻيا آهن، ڪوشش ڪنداسين ته رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪيون.
هن چيو ته بلائينڊ ڪيس آهي، جوابدار نامزد ناهن، شڪ جي بنياد تي 3، 4 ماڻهو تحويل ۾ ورتا ويا آهن، جيڪي به قتل ۾ ملوث جوابدار هوندا، انهن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
nasrullahgadani ghokti mirpurmathelo