28 عورتن شادي جي آڇ ڪئي آهي: چاهت فتح علي خان جي دعويٰ

سوشل ميڊيا تي شهرت يافتا چاهت فتح علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس 7 ڀيرا عشق ٿيو ۽ 28 عورتون شادي جي آڇ ڪري چڪيون آهن.
سوشل ميڊيا تي چاهت فتح علي خان جي هڪ پوڊ ڪاسٽ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ کيس محبت ۽ شادي جي آڇ جي حوالي سان ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
شادي، محبت ۽ پروپوزل جي سوال جي جواب ۾ چاهت فتح علي خان جو چوڻ هو ته مونکي ٽوئيٽر تي لائيو شو دوران 28 عورتن طرفان شادي جي آڇ ڪئي ٿي چڪي آهي.
هن ٻڌايو ته مان پهريان کان ئي شادي شدا آهيان، پر مون لاءِ اهو اعزاز آهي ته سٺيون ۽ پڙهيل لکيل عورتون شادي جي آڇ ڪنديون آهن.

ChahatFatehAliKhan Singer Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.