پاڪستاني ٽيم ۾ ڪوبه تيزيءَ سان رنسون ٺاهڻ وارو رانديگر ڪونهي : رميز راجا

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ پي سي بي چيئرمين رميز راجا انگلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست کانپوءِ قومي ٽيم کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
پنهنجي يوٽيوب چئنل تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي تي تبصرو ڪندي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر رميز راجا چيو ته پاڪستاني ٽيم جي موجودا اسڪواڊ ۾ اهڙا رانديگر نه آهن جيڪي تيز اسٽرائيڪ ريٽ سان کيڏي سگهن، اسان کي تجرباتي موڊ مان ٻاهر نڪرڻو پوندو.
اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته اسان کي اسٽرائيڪ ريٽ فوبيا ٿي چڪو آهي، الله جي واسطي ان مان ٻاهر نڪرو نه ته اسٽرائيڪ ريٽ تي ٻڌل ٽيم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري سڀ ڪجهه برباد ڪري ڇڏيندئو.
هن وڌيڪ چيو ته بابر ۽ رضوان جي اوپننگ جوڙي کي تبديل ڪري ٽيم کي تباهه ڪيو ويو آهي، ٽيم ۾ مڊل آرڊر جو ڪردار سمجهه کان ٻاهر آهي، ٻه ، ٻه وڪيٽ ڪيپر کيڏي رهيا آهن، اسپنرن کان بال اسپن نٿو ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.