گهوٽڪي اٿلي پيو، شهيد نصرالله جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ هزارين ماڻهن جي ريلي

گهوٽڪي (رپورٽر) عوامي آواز جي شهيد رپورٽر نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ميرپورماٿيلي ۾ ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
اسد پتافي، لطيف وسير، برڪت ميراڻي، اشرف شاهه، تاج ٽانوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهيد نصر الله گڏاڻي پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ شهرين، صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪري نعريبازي ڪئي.
مظاهرين جو چوڻ هو ته شهيد نصر الله گڏاڻي جي ڪيس ۾ جاچ لاءِ پوليس تي اعتماد ناهي، عدالتي ڪميشن جوڙي شفاف جاچ ڪئي وڃي.
سينئر صحافي اسد پتافي چيو ته شهيد نصر الله گڏاڻي کي حق سچ لکڻ تي شهيد ڪيو ويو، پوليس ڪيس خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته دما دم مست قلندر ٿيندو.
ايس ٽي پي اڳواڻ عبدالفتاح سميجو ريلي ۾ ڳالهائيندي چيو ته شهيد جون صحافتي شعبي ۾ خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن، شهيد جي قاتلن جي گرفتاري تائين سراپا احتجاج رهنداسين.
مظاهرين شهيد نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڪراچي ۾ سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جو چتاءُ به ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.