لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته ڪاميابي لاءِ اسٽرائيڪ ريت به وڌائڻو پوندو ۽ ڪاميابي جي سفر تي ٻيهر هلڻ لاءِ رانديگرن کي جديد ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي.
لنڊن ۾ انگلينڊ هٿان آخري ٽي ٽوئٽي ميچ ۾ عبرتناڪ شڪست کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته سيريز هارائڻ تي افسوس آهي، سيريز کٽي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ مڪمل اعتماد سان شرڪت ڪرڻ جي ضرورت هئي.
هن چيو ته وچ وارن اوورن ۾ بيٽرن ذميواري جو مظاهرو نه ڪيو ۽ وڪيٽون وڃايون، هڪ ٻئي پٺيان وڪيٽون ڪِرنديون ڪِرڻ سبب وڏو اسڪور نه ڪري سگهياسين جڏهن ته بالرن به سٺي بالنگ نه ڪئي ۽ وڌيڪ رنسون ڏنيون.
سندس چوڻ هو ته اعظم خان سميت سمورن رانديگرن جي چونڊ ميرٽ جي بنياد تي ٿي، شڪست کانپوءِ سوال جنم وٺندا آهن.
بابر اعظم چيو ته ورلڊڪپ بلڪل مختلف راند آهي جنهن ۾ بهتر نتيجا ڏينداسين، آمريڪا جي ڪنڊيشنز بابت پتو ناهي پر ويسٽ انڊيز جي ڪنڊيشنز کان آگاهه آهيون.
هن چيو ته سڀئي رانديگر پنهنجو ڪردار ڄاڻن ٿا، ورلڊ ڪپ ۾ سمورن رانديگرن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو.
بيٽرن ذميواري نه کنئي، بالرن سٺي بالنگ نه ڪئي، ڪاميابي لاءِ جديد ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي: بابر
Prev Post
You might also like