حيدرآباد: گئس سلينڊر ڌماڪن سبب فوتين جو انگ ڇهه ٿي ويو، بلاول پاران ڏک جو اظهار

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) حيدرآباد ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ سڙي زخمي ٿيل مان وڌيڪ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 6 ٿي ويو آهي.
حيدرآباد ۾ واقعي کانپوءِ کان ڪراچي جي سول اسپتال جي برنز وارڊ ۾ منتقل ڪيل زخمين مان 10 زخمين کي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
سول اسپتال ۾ 6 زخمي فوت ٿي چڪا آهن ۽ ٻين زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي جن مان 7 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
فوت ٿي ويلن ۾ 6 ورهين جو حسنين، 15 سالن جو بلال، 10 سالن جو رحيم، ايان ۽ علي رضا شامل آهن.
ياد رهي ته دڪان ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ باهه ڀڙڪي اٿي هئي جنهن جي نتيجي ۾ 60 ڄڻا زخمي ٿيا هئا، زخمين مان 43 ڄڻن کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو هو جن مان 29 ڄڻا برنز وارڊ منتقل ڪيا ويا هئا ۽ ٻيا نجي اسپتالن ۾ داخل ڪيا ويا.
ڪراچي آندل 6 ڄڻن جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ٻين 37 زخمين جو علاج هلندڙ آهي.
واقعي کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ۽ صحت واري وزير عذرا پيچوهو برنز وارڊ پهچي زخمين جي عيادت ڪئي هئي.
ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري حيدرآباد ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حادثي ۾ ٻارن سميت قيمتي جاني نقصان جي خبر ٻڌي ڏکويل آهيان، يقين آهي ته زخمين جي بهتر علاج ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڳاپيل عملدار معاملي جي جاچ ڪن، جيڪڏهن واقعو ڪنهن مجرماڻي غفلت جو نتيجو آهي ته ذميوار قانون جي پڪڙ ۾ هجڻ گهرجن.
هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙن حادثن جي رنڊ روڪ لاءِ اثرائتا اپاءَ ورتا وڃن.
پ پ چيئرمين فوتين جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

PPP gascylinderblast Hydblast

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.