راڻيپور (رپورٽر) راڻيپور ۾ سچل سرمست ڪالوني جو رھائشي نوجوان محمد هاشم شيخ عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو اهي.
وارثن کان ڌاڙيلن پاران 10 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو.
مغوي جي وارثن ڀاءُ وفا حسين شيخ ۽ شڪيل احمد شيخ سندس بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو .
هنن چيو ته اسان جو ڀاءُ محمد ھاشم شيخ مزدوري ڪندو آھي تيرنهن ڏينهن کان گم هيو اڄ فون آيو ته 10 لک رپيا ڏيو نه ته ماري ڇڏينداسين.
هنن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل محمد هاشم شيخ کي بازياب ڪرايو وڃي.