لنڊن جو ميئر صادق خان به قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جو پرستار نڪتو آهي.
قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر فيصل لنڊن ۾ مهانجاندو ڏنو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، لنڊن جو ميئر صادق خان ۽ اڳوڻو نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر لنڊن صادق خان چيو ته بابر اعظم سٺي فارم ۾ آهي، هو منهنجو به فيوريٽ پليئر ۽ رول ماڊل آهي.
صادق خان جو چوڻ هو ته اوول ۾ کيڏي ويندڙ اڄ واري مئچ ۾ سٺو مقابلو ٿيندو، اڄ جو مئچ پاڪستان ٽيم يا انگلينڊ جي ڪاميابي جي ٻنهي صورتن ۾ منهنجي ڪاميابي آهي.
هن ٻڌايو ته مونکي پاڪستاني ٽيم جي بالنگ ڏسي وقار يونس ۽ وسيم اڪرم ياد ايندو آهي.
You might also like