ڌاٻيجي ۾ رهواسين بااثرن جي ڏاڍاين خلاف پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪيو.
متاثر عورتن شبانا انصاري، ماها انصاري، فوزيا انصاري ۽ ٻين الزام هنيو ته اڳوڻو تپيدار ۽ سندس گهرواري بااثرن ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سان خريد ڪيل پلاٽ تي ڏاڍ ڪندي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا.
هنن الزام هنيو ته گذريل رات لينڊ مافيا جي هٿياربندن قبضي جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي فرار ٿي ويا.
هنن گهر ڪئي ته بااثر پلاٽن تي قبضا ڪري هيسائي رهيا آهن، ايس ايس پي ٺٽو ۽ وس وارا معاملي جو نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪن……