سامارو (رپورٽر) سامارو جي بند پيل شاھ لطيف لائبيري جي بحالي لاءِ هاءِ ڪورٽ جي ڏنل حڪم بعد ڊسٽرڪٽ سيشن جج عمرڪوٽ لائبيري پهچي معائنو ڪيو .
لائبيري زبون حالي ٿيڻ تي عدالت جي نوٽيس بعد سيشن جج عمرڪوٽ عبدالوحيد شيخ، سول جج سامارو سجاد حسين چانڊيو ۽ درخواست گذار وڪيل سڪندر کوسو سان گڏجي شاھ لطيف لائبيري جو دورو ڪري ٿيل مرمتي ڪمن جو معائنو ڪيو .
سيشن جج ٽائون آفيسر کان سخت پڇاڻو ڪري تفصيل ورتا ۽ مرمتي ڪم، صاف پاڻي، واشروم سميت ٻين سهولتن جي اڻهوند تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيائين.