خيرپور ۾ امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ بابت اجلاس

خيرپور (رپورٽ: سيد نعيم حسين شاھ)ملڪ ۾ چوماسي برساتن، ٻوڏ واري امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ بابت ضلعي ڊزاسٽر مينجمنٽ جو اعليٰ سطحي اجلاس ڊپٽي ڪمشنر سيد احمد فواد شاهه جي صدارت هيٺ ڊي سي آفيس خيرپور جي دربار هال ۾ ٿيو.

اجلاس ۾ گڏيل طور فيصلو ڪيو ويو ته چوماسي برساتن لاءِ موسميات ۽ پي ڊي ايم اي پاران جاري ڪيل هدايتن جي سلسلي ۾ لاڳاپيل کاتن پاران اڳواٽ ڪانٽي جنسي پلان، ڊرنيج سسٽم کي فعال، ايمرجنسي واري صورتحال ۾ متاثرن لاءِ رليف ڪئمپ، پاڻي جي نيڪال لاءِ مشنري، ميونسپل سروسز، کاڌ خوراڪ جي بندوبست سميت ٻين اپائن تي عملدرآمد ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سيد احمد فواد شاهه چيو ته گذريل 2022 واري چوماسي برساتن واري تجربي کي آڏو رکي اڳواٽ سمورا کاتا ڪانٽي جنسي پلان ترتيب ڏئي لاڳاپيل آفيسرن توڙي عملدارن کي ذميواريون ڏيندا جڏهن ته پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي سميت صوبائي حڪومت پاران جاري ڪيل هدايتن تحت ڪنهن به آفيسر يا عملدار هيڊ ڪوارٽر نه ڇڏيندا ۽ ڪنهن به قسم جي موڪل بند هوندي.

هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنر لاڳاپيل تعلقن ۾ يوسي ۽ ٽائون ڪاميٽيز سان ميٽنگ ڪري تياريون مڪمل ڪن. ڊي سي خيرپور چيو ته رليف ڪئمپس، متاثرن جي رهائش، امداي سامان جي روهاست بابت رڪارڊ ٺاهيو وڃي ۽ عالمي فنڊڊ ادارن پاران لاڳاپيل کاتا، اين جي اوز، پي ڊي ايم اي طرفان سمورن شين جي فهرست لاءِ جديد ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪبير محمد شاهه ۽ ايريگيشن جي ايگزيڪٽو انجينئر محمد حيات شيخ، اي سي عبدالباسط هڪڙو، مسرور بجاراڻي، دريا خان چانڊيو، سيد محمد علي شاهه ۽ ٻين گذريل برساتن ۾ پاڻي جي نيڪال، ڊرين سسٽم، واهن ۽ ڪئنالن جي صورتحال، پمپنگ اسٽيشن سميت صورتحال کان آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ گڏيل طور وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته امڪاني برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال ۾ اين جي اوز، اسڪائوٽس، ريسڪيو 1122، رضاڪارن جي ٽيمون جوڙي مختلف هنڌن تي مقرر ڪيا ويندا. جڏهن ته ٽينٽ سٽيز بابت پڻ رٿا بندي ڪري هنڌن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اپائن کي حتمي شڪل ڏئي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. اجلاس ۾ لائيواسٽاڪ کاتي جي ڊاڪٽر گل بهار ناريجو ٻڌايو ته برساتن سبب جانورن جي بيمارين بابت ڪانٽي جنسي پلان جوڙي ورڪ شروع ڪيو ويو آهي ۽ ڊاڪٽر سميت اسٽاف کي پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ اطلاعات، تعليم، صحت، سوشل ويلفئير، ميونسپل ڪاميٽيز، آبپاشي، لوڪل گورنمنٽ ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.