راڻيپور: صحافي حيدر مستوئي مٿان حملي خلاف احتجاج

راڻيپور(رپورٽ: فياض حسين راڄپر) راڻيپور جي صحافي حيدر مستوئي مٿان ٿيل حملي خلاف سکر يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ريلي ڪڍي وئي .

گذريل رات ٻٻرلو جي سينئر  صحافي حيدر مستوئي مٿان نامعلوم موٽرسائيڪل هٿياربندن پاران فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ واري عمل خلاف سکر يونين آف جرنلسٽس ۽ خيرپور يونين آف جنرلسٽس جي سڏ تي صوڀوديرو يونين آف جرنلسٽس پاران اڪبر شاهاڻي قربان علي منگي بلاول سهتو سيد پياس علي شاھ حاڪم جوکيو گل حسن چانڊيو امير شاهاڻي علي مردان شاهاڻي نديم شيخ فياض راڄپر صدام حسين سومرو منٺار ڊومڪي وحيد شاهاڻي ظهور ڄامڙو مظفر شيخ انصاف منڱڻيجو جي اڳواڻي ۾ پاڪستان پريس ڪلب کان نيشنل پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي  تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته حق سچ لکندڙ صحافين مٿان حملا ڪندڙ بزدل آهن صحافين سدائين حق سچ لکيو آهي صحافي حيدر مستوئي مٿان سچيون خبرون لکڻ تي بزدلن حملو ڪري پنھنجي اوقات ڏيکاري آهي سنڌ جي صحافين هميشه حق سچ جي صحافت ڪئي آهي صحافين مٿان حملو ڪري هيسايو وڃي ٿو هڪ سازش تحت صحافين مٿان حملا ڪيا پيا وڃن شهيد جان محمد مهر ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي سميت صحافي حيدر مستوئي مٿان حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري صحافين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.