لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪرا در فشان ساٿي اداڪار علي گل ملاح طرفان ملندڙ مشوري تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
در فشان پاڪستاني شوبز انڊسٽري تي راڄ ڪري رهي آهي، ان جو سبب حقيقت پسندي ۽ سندس خوبصورتي به آهي.
اداڪارا جو ڊرامو عشق مرشد کيس بي انتها شهرت سان نوازي چڪو آهي، پر شهرت سان گڏوگڏ اداڪارن کي ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه تنقيد جو نشانو به بڻايو ويندو آهي.
ڪجهه ڏينهن پهريان عشق مرشد جي مزاحيا ڪردار علي گل ملاح ساحر لوڌي جي ٽاڪ شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن کان پڇيو ويو ته اوهان در فشان کي ڪهڙو مشورو ڏيندئو؟
ان سوال جي جواب ۾ علي گل ملاح چيو ته مان در فشان کي پنهنجو وزن گهٽ ڪرڻ جو مشورو ڏيندس.
علي گل جي اهڙي مشوري بعد سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي وئي، ڪجهه ماڻهن طرفان اداڪار مٿان تنقيد به ڪئي وئي جڏهن ته ڪجهه علي گل سان انهي ڳالهه تي اتفاق به ڪيو هو.
سوشل ميڊيا تي جاري بحث ۾ اداڪارا در فشان به هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هو پر عزم انداز ۾ ورزش ڪندي نظر آئي.
ڪجهه سوشل ميڊيا واهپيدارن در فشان جي وزن گهٽ ڪرڻ واري عمل کي ساراهيو جڏهن ته ڪجهه ماڻهن لکيو ته در فشان جيئن آهي ائين ئي سٺي لڳندي آهي.
You might also like