هانيا عامر فهد مصطفيٰ کي نئون پارٽنر چونڊي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا هانيا عامر زاويا نعمان، وهاج علي ۽ فرحان سعيد بعد هاڻي اداڪار فهد مصطفيٰ کي پنهنجو نئون پارٽنر چونڊي ورتو آهي.

ذرامن بعد فلمي دنيا ۽ ٽيليويزن جي ميزباني بعد هڪ ڀيرو ٻيهر فهد مصطفيٰ ڊرامن ۾ ڌماڪيدار انٽري ڪري رهيو آهي، هن ڀيري ان سان گڏ هانيا عامر به اداڪارا جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندي.

اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ هاڻ جلد اداڪارا هانيا عامر سان گڏ اسڪرين شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

بدر محمود جي هدياتڪاري ۾ ٺهندڙ ڊراما سريل ڪبهي مين ڪبهي تم کي فرحت اشتياق لکيو آهي جيڪو تمام جلد ٽيليوزن اسڪرين جي زينت بڻجڻ وارو آهي.

ياد رهي ته ڊرامي جي مڪمل ڪاسٽ جا تفصيل منظر تي نه اچي سگهيا آهن.
HaniaAmir  FahadMustafa Showbiz

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.