اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ سال نومبر ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊ ۾ ڪامياب ٿيو ته ايلون مسڪ وائٽ هائوس جو صلاحڪار بڻجڻ تي غور ڪندو.
دي گارڊن جي هڪ رپورٽ موجب وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن ٽرمپ جي وائٽ هائوس ۾ ٻيهر انٽري ٿيندي آهي ته ان ڳالهه جا گهڻا امڪان آهن ته ايلون مسڪ کي صلاحڪار بڻائيندو.
رپورٽ موجب ايلون مسڪ اعلان ڪيو آهي ته هو انهي اليڪشن ۾ ڪنهن صدارت مهم لاءِ فنڊ نه ڏيندو، پر اطلاع ملن پيا هن ٽرمپ کي خاطري ڪرائي آهي ته هو پنهنجين دولت مند ۽ طاقتور اتحادين کي گڏ ڪري جوبائيڊن کي حمايت نه ڪرڻ تي زور ڏيندو.
DonaldTrump ElonMusk America