وفاقي حڪومت به بجيٽ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون

نئين مالي سال جو وفاقي بجيٽ ڏهه جون تي پيش ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.
ذريعن موجب ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ڏهه جون تي بجيٽ پيش ڪندو.
ناڻي واري وزارت بجيٽ جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيئي رهي آهي.
ذريعن موجب بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف شرطن کي شامل ڪيو پيو وڃي.
ٻئين پاسي وقتي صدر يوسف رضا گيلاني ۽ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جص ملاقات ٿي.
ناڻي واري وزير چيو ته مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي حڪومت جي مسلسل محنت آهي.
وقتي صدر يوسف رضا گيلاني چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي ضرورت آهي.

federalgovt budget2025 Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.