ويسٽ انڊيز ڏکڻ آفريڪا کي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ وائٽ واش ڪري پاڪستان جي رينڪنگ ۾ درجو بهتري آئي آهي.
ٻه ڀيرا عالمي چيمپئن ويسٽ انڊيز جي ٽيم هوم گرائونڊ تي ڏکڻ آفريڪا جي مضبوط ٽيم کي ٽن مئچن جي سيريز ۾ 0_3 تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.
شڪست سبب ڏکڻ آفريڪا ٽي درجا تنزلي بعد 7 هين پوزيشن تي هلي وئي جڏهن پاڪستان هڪ درجو بهتري سبب ڇهين پوزيشن تي اچي ويو.
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا جا پوائنٽس هڪجيترا 244 آهن، تنهن باوجود به ڏکڻ آفريڪا مسلسل شڪست سبب ستين پوزيشن تي بيٺل آهي جڏهن ته پاڪستان جي پوزيشن ڇهين آهي.
You might also like