پاڪستان شوبز انڊسٽري جي اداڪارا ۽ ماڊل عائشا شوڪت شادي بابت پنهنجون شرطون ٻڌائي ٽرولنگ جي زد ۾ اچي وئي.
عائشا شوڪت جي هڪ ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اداڪارا شادي بابت پنهنجي آئيڊيل پارٽنر جي حوالي سان ڳالهائيندي آهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته اهڙي ڇوڪري سان شادي ڪنديس جنهن وٽ ماسٽر جي ڊگري هجي ۽ ان جي مهيني جي آمدني گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک رپيا هجي.
هن وڌيڪ چيو ته ڇوڪرو ڏسڻ ۾ پاڪستاني يا ڀارتي اداڪارن وانگر هجي جيئن پاڪستاني اداڪار فواد خان ۽ وهاج علي يا ڀارتي اداڪار سڌارت ملهوترا آهن.
ياد رهي ته اداڪارا جي اهڙين ڊمانڊز تي سوشل ميڊيا تي کيس تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
Pakistan Showbiz AishaShouqat