ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن لاءِ هائوسنگ سوسائٽيز ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
صوبائي ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبي جي سيڙپڪاري لاءِ سنڌ بزنس ون اسٽاپ شاپ جي به منظوري ڏني وئي.
ڪابينا اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه اسٽيل مل جي بحالي تي به زور ڏنو.
اجلاس بعد سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ طرفان لوئر اسٽاف کي سستي ۽ قسطن ۾ پلاٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو.
SindhGovt Karachi Pakistan