ڪراچي (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ دڪان اندر گيس سلينڊر ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 40 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا آهن.
زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.
دڪان ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ دڪان جي مٿان واري گهر کي به باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 40 ڄڻا سڙي زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس موجب زخمين کي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
HyderabadSindh CNGShop