ڪراچي: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 سڳا ڀائر قتل، هڪ زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي گرو مندر واري علائقي ويجهو فائرنگ ۾ 2 سڳا ڀائر قتل ٿي ويا، واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به منظر تي اچي ويا.
ڇهه هٿياربندن ڪار ۾ موجود ماڻهن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿيو ۽ هڪ ڄڻو محفوظ رهيو.
فائرنگ واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به منظر تي اچڻ بعد سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيوز ۾ جوابدارن کي ڪار مٿان فائرنگ ڪندي ڏٺو ويو.
فائرنگ واقعي دوران روڊ تي گاڏين کي ايندي ويندي به ڏسي سگهجي ٿو، واردات بعد جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا.
ان حوالي سان پوليس شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته متاثر ڀائر حاضري تي عدالت وڃي رهيا هئا ته کين رستي ۾ ئي ٽارگيٽ ڪيو ويو.

Karachi Car Pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.