اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي في تولي جي اگهن ۾ 1500 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن موجب ملڪ ۾ سون جي في تولي جي رقم ۾ 1500 رپيا گهٽتائي ٿي، جنهن بعد في تولي جي قيمت 2 لک 41 هزار 200 رپيا ٿي وئي.
ايسوسي ايشن موجب ڏهه گرام سون جي قيمت 1286 رپيا گهٽ ٿي 2 لک 6 هزار 790 رپيا ٿي وئي آهي.
انٽرنيشنل مارڪيٽ ۾ سون 17 ڊالر گهٽ ٿي ڪري 2335 ڊالر في اونس ٿي وئي.
Gold NewRates Pakistan
You might also like